گڏيل قومون -24 مئي (اي پي پي) گڏ??ل قومن چيو آهي، ته سوڊان ۾ ڇڪتاڻ ختم نه ڪئي وئي ته خطي جا ٻيا ملڪ به متاثر ٿي سگهن ٿا. ترڪ خابرو اداري مطابق گڏ??ل قومن جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ پريس ڪانفرنس ۾ سوڊان ۾ جهيڙن جي علائقائي اثرن جو جائزو وٺندي چيو ته خطو پهرين ئي نازڪ صورتحال مان گذري رهيو آهي. ڌرين کي عوام جي مفادن کي ترجيح ڏيندي تڪرار ختم ڪرڻ گهرجن. هن ??بردار ڪيو ته سوڊان ۾ ڇڪتاڻ اولهه سوڊان، چاڊ ۽ خط?? جي ٻين ملڪن جي صورتحال کي متاثر ڪري سگهي ٿي، جيڪڏهن ??وڊان ۾ جهڙپن جو حل نه ڪڍيو ويو ته نه رڳو سوڊان پر پوري خطي کي متاثر ڪري سگهي ٿي. هن ٻڌايو ته گڏ??ل قومن جي انساني همدرد?? جي ڪارڪنن ٿوري وقت ۾ جنگ بندي تي اتفاق کان پوءِ 40 لک ماڻهن ??ائين امداد جون تقريبن 168 ٽرڪو?? پهچايون. تنهن هوندي به موجوده صورتحال هاڻي به مڪمل طور تي انساني بنيادن تي ڪارروائيون ڪرڻ جي اجازت ناهي ڏني. هن چيو ته گڏ??ل قومون مختصر وقت جي جنگبند?? جي نگراني ۾ ڪو به باضابطه ڪردار ادا ناهي ڪيو، پر اسٽريٽجڪ ۽ ٽيڪنيڪي مدد فراهم ڪئي آهي.
سوڊان ۾ ڇڪتاڻ ختم نه ڪئي وئي ته خطي جا ٻيا ملڪ به متاثر ٿي سگهن ٿا: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ