گڏيل قومون-21 جون (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ رجسٽرڊ 64 لک کان وڌيڪ فلسطيني پناهگير هاڻي به ڪيمپن ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. سعودي خابرو اداري مو??ب پناهگيرن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي فلسطيني ڳڻپ واري مرڪزي اداري پا??ان جاري ڪيل پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته 28.4 سيڪڙو فلسطيني پناهگير گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن بابت رليف اينڊ ورڪس ايجنسي (انروا) جي 58 سرڪاري ڪيمپن ۾ رهندڙ آهن. رپورٽ مو??ب فلسطيني پناهگيرن جا اردن ۾ 10 ڪيمپ، شام ۾ 9 ، ??بنان ۾ 12، اولهندي ڪناري ۾ 19 ڪيمپ ۽ غزه جي پٽي ۾ 8 ڪيمپ آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 1948ع ۾ 800،000 کان وڌيڪ فلسطيني بي گهر ٿيا ۽ 200،000 کان وڌيڪ فلسطيني، جن ۾ اڪثريت اردن ۾ پناهه ورتي، جون 1967ع جي جنگ کانپوءِ بي گهر ٿيا هئا. رپورٽ مو??ب 2021ع جي آخر ۾ دنيا ۾ فلسطينين جو ڪل انگ تقريبن 14 ملين هو، جنه?? مان ظاهر ٿئي ٿو ته 1948ع جي نڪبه جي واقعن کانپوءِ فلسطينين جي انگ ۾ تقريبن ڏهوڻ تي اضافو ٿيو آهي جنه?? مان تقريبن اڌ يعني 7 ملين تاريخي فلسطين ۾ آباد آهن. آبادي جي انداز?? مان ظاهر ٿئي ٿو ته 2021ع جي آخر تائين اولهندي ڪناري ۾ فلسطينين جي آبادي 3.2 ملين ۽ غزه جي پٽي ۾ تقريبن 2.1 ملي?? ماڻهن تائين پهچي وئي آهي. والاريل بيت المقدس ۾ 2021ع جي آخر ۾ فلسطيني آبادي تقريبن 477 هزار تائين پهچي وئي، انهن انگن اکرن جي بنياد تي فلسطيني (تاريخي فلسطين“ جي علائقي ۾ رهندڙ آباد جو 49.9 سيڪڙو آهي، جڏهن ته يهودي ڪل آبادي جو 50.1 سيڪڙو آهن جيڪي تاريخي فلسطين جي ڪل ايراضي جي 85 سيڪڙو کان وڌيڪ جو استحصال ڪن ٿا.
58 ڪيمپن ۾ 60 لک کان وڌيڪ فلسطيني پناهگير آهن: گڏيل قومن جي رپورٽ
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی