ٽوڪيو – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) جاپان جي ماهرن ڪارالجي ذريعي اونهي سمنڊ م??ن سون گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. جاپاني خابرو اداري موجب جاپاني جي سامونڊي علائقي سان لاڳاپيل اداري (آءِ ايڇ آءِ) جا ماهر ڪارالج?? استعمال ڪري اونهي سمنڊ م??ن سون گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. هنن ٽوڪيو کان اٽڪل چار سو ??لو ميٽر ڏکڻ ۾ آئوگاشيما نالي ٻرندڙ جبل واري ٻيٽ ۾ ست سو ميٽرن جي اونهائي ۾ هائيڊرو ٿرمل وينٽ مان اهو سون گڏ ڪيو آهي. وينٽ سمنڊ جي تهه ۾ کلندڙ هڪ جاءِ کي چئبو آهي جنهن مان معدنيات سان ڀرپور گرم پاڻي وهندو آهي. ان وينٽ جي پاڻي جي گرمائش اٽڪل 270 ??گري سيلسيس آهي، ماهرن ان جاءِ جي چونڊ ان ڪري ڪئي جو اڳ ۾ ڪيل تحقيق مان خبر پئي ته ان هائيڊرو ٿرمل جي آس پاس پهاڙن ۾ سون گهڻي مقدار ۾موجود آهي.
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado