گڏيل قومون-21 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪس??ان گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ان ڳالهه جي جاچ ڪرائي ??ه ڪالعدم تنظيم تحريڪ طالبان پاڪس??ان (ٽي ٽي پي) طرفان پاڪس??ان خلاف سرحد پار حملن ۾ است??ما?? ٿيندڙ جديد هٿيار ڪيئن حاصل ڪيا. گڏيل قومن ۾ پاڪس??ان جي مستقل نمائندي منير اڪرم سلامتي ڪائونسل ۾ افغانس??ان جي صورتحال تي بحث دوران ڀارت جي حوالي سان واضح طور تي چيو ته اسان وٽ ان ڳالهه جا به ثبوت آهن ته ٽي ٽي پي کي اسان جي اصل مخالف جي حمايت حاصل آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته ٽي ٽي پي ۽ ان سان لاڳاپيل تنظيمون پاڪس??ان جي سرزمين تي سرحد پار منظم دهشتگرد حملن ۾ ملوث آهن، ان گروپ وٽ پرڏيهي فوج جي ڇڏيل هٿيارن تائين رسائي ??هي جنهن سان اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ٽي ٽي پي انهن هٿيارن تائين پهچ ڪيئن حاصل ڪئي. ان سلسلي ۾ هن گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته چاهي اهو يو اين اي ايم اي هجي يا ڪا ٻي ايجنسي ان ڳالهه جي مڪمل جاچ ڪري ته اهي هٿيار ٽي ٽي پي جي هٿن ۾ ڪيئن آيا ۽ اهن جي واپسي جي طريقن جي نشاندهي ڪئي وڃي. پاڪس??ان نمائندي چيو ته جيتوڻيڪ افغانس??ان جي عبوري حڪومت داعش خلاف جنگ ۾ ڪجهه ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن پر حقيقت اها آهي ته ڪيترائي ??هشتگرد گروه افغانس??ان ۾ موجود آهن، هن چيو ته پاڪس??ان ۾ صرف هلندڙ سال انهن حملن ۾ سوين فوجي ۽ شهري شهيد ٿيا ۽ گذريل هفتي ٽي ٽي پي سان لاڳاپيل گروپ ڊيره اسماعيل خان ۾ اسان جي سيڪيورٽي اهلڪارن تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 23 کان وڌيڪ قيمتي جانيون ضايع ٿيون. هن ان ڳالهه تي زور ??ريو ته افغانس??ان ۾ امن پاڪس??ان لاءِ اسٽريٽجڪ اڻٽر آهي، هن چيو ته افغانس??ان ۾ امن امان ۽ استحڪام جي صورتحال ۾ بهتري آئي ??هي، داعش خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي ۽ ڪرپشن ۾ گهٽتائي ??ئي ??هي. منير اڪرم چيو ته جيتوڻيڪ افغانس??ان ۾ عبوري حڪومت جي دعويٰ آهي ته امن بحال ٿي ويو آهي، ان کي پنهنجي پناهگيرن جي جلد وطن واپسي جو بندوبست ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هن پاڪس??ان ۾ غير قانوني طور تي ترسيل پرڏيهين جي وطن واپسي کي پاڪس??ان جي جائز معاشي ۽ سماجي خدشن سبب پيدا ٿيل هڪ اڻٽر مجبوري قرار ڏيندي چيو ته ان تي جيترو ممڪن ٿي سگهي انساني همدردي جي گهرجن موجب عمل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان انهن ملڪن تي زور ??ريون ٿا ته اهي انهن ماڻهن کي قبول ڪرڻ لاءِ پنهنجي قدمن ۾ تيزي آڻين ۽ پاڪس??ان تي بار کي گهٽ ڪن. هن چيو ته افغان عملدارن سان ڪنهن به قسم جي ڳالهين کي دهشتگرد تنظيمن جي سرگرمين کي ڪنٽرول ڪرڻ جي قدمن سميت ??يترن ئي معاملن تي ان جي رد عمل تي ٻڌل هجڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ افغانس??ان مان دهشتگردي جي پکيڙ ۾ اضافو ٿيندو جنهن سان نه رڳو خطو پر پوري دنيا کي خطرو آهي.
گڏيل قومون پاڪستان خلاف ٽي ٽي پي جي سرحد پار حملن ۾ جديد هٿيارن جي استعمال جي جاچ ڪرائي: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر