اسلام آباد(اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته والاريل ڪشمير دنيا جو سڀ کان وڏو فوجي زون بڻجي چڪو آهي، هتي مقرر ڀارتي فورسز جو انگ 10 لک کان وڌي چڪو آهي، عالمي برادري بي گناهه ڪشميرين تي ڀارتي ظلم ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي. پاڪستان ڀارتي اسپانسرڊ دهش??گر??يءَ جو شڪار آهي، چين پاڪستان جو پُراڻو دوست آهي ۽ سي پيڪ اقتصادي لحاظ کان سڄي خطي لاءِ ها??اري تبديلي آڻيندي. اهڙو اظهار پرڏيهي آفيس جي ترجمان محمد نف??س زڪريا هفتيوار پريس بريفنگ دوران صحافين جي مختلف سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. ترجمان چيو ته والار??ل ڄمون ۽ ڪشمير دنيا جو سڀ کان وڏو فوجي زون بڻجي چڪو آهي جتي ڀارتي فورسز جو انگ 10 لک کان به وڌي چڪو آهي. ترجمان چيو ته ڀارت جيتري مرضي طاقت جو استعمال ڪري ڪشميرين ڀارتي تسلط مان آزاديءَ جو عزم ڪري رکيو آهي، ها??ي ته ڀارت جي اندر به والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين خلاف آواز اُٿي رهيو آهي.
سي پيڪ اقتصادي لحاظ کان خطي لاءِ هاڪاري تبديلي آڻيندي: پرڏيهي آفيس جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada