نيويارڪ – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪئي. اها ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ٿي، ٻن??ي اڳواڻن ٻطرفا لاڳاپا مستحڪم بڻائڻ بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ علائقائي امن ۽ سلامتي جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، قدرن، ثقافت، ??ار??خ، گڏيل اعتماد ۽ تعاون تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻن??ي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطا اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ بدلجي ويا آهن ۽ هر گذرندڙ ڏ??نهن سان گڏ اهي وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن. ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ باقاعده اعليٰ سطحي مٽاسٽا ۽ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل ذريعي اداراجاتي رابطن کي ساراهيندي ٻن??ي اڳواڻن سياسي، دفاعي، واپاري ۽ سيڙپ??ار?? مٽاسٽا جي فروغ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم سان ترڪي جي صدر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ