کٽمنڊو – 06 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان علائقائي تعاون بابت ڏکڻ ايشيائي ت??ظي?? (سارڪ) کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ ان جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن تي ڪاربند رهيو آهي، هن اها ڳالهه سارڪ سيڪريٽريٽ جي دوري دوران پنهنجي خطاب ۾ چئي ۽ سيڪريٽريٽ ۾ ٻوٽو به پوکيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سدائين سارڪ کي خودمختيار برابري جي اصول تي ٻڌل علائقائي تعاون لاءِ هڪ فعال ذريعو بڻائ?? جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته سارڪ ميمبر ملڪن جي اقتصاديات کي سگهه ڏيڻ ۽ گڏيل اهميت جي مختلف شعبن ۾ حصيداري کي فروغ ڏيڻ لاءِ تمام گهڻي صلاحيت رک??دڙ آهي، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ت??ظي?? کي خطي جي معيشت، ثقافت ۽ سماجي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪر?? جي ضرورت آهي.
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز