اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي اجلاس ۾ ڪورونا وائرس پکڙجڻ کان بچاءُ لاءِ ايس او پيز جي لاڳو، خلاف و??زي تي سخت انتظامي ڪارروائي ۽ ٽيسٽ، ٽريس ۽ قرنطينه ڪرڻ جي حڪمت ??ملي تي ڀرپور عملدرآمد يقيني بڻائڻ تي غور ڪيو ويو. اجلاس جي صد??رت منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر ڪئي. اجلاس ۾ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت صوبائي چيف سيڪريٽريز نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کي ٻڌايو آهي ته عوامي هنڌن، مارڪيٽن، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ صنعتي شعبن جي وڌيڪ خطرن وارن علائقن ۾ سماجي فاصلي ۽ ايس او پيز جي خلاف و??زي ڪندڙن جي خلاف سخت انتظامي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، ان موقعي تي وفاقي وزير اسد عمر خطاب ڪندي چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا تي ضابطو آڻڻ جي حڪمت ??ملي جو مرڪزي نقطو ايس او پيز تي عملدرآمد ۽ قرنطنيه قدمن کي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ آهي، هن وڌيڪ چيو ته وبا پکيڙجڻ جي خطري تي ضابطو آڻڻ جي حڪمت ??ملي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سمورن قدمن تي تيزي سان عملدرآمد ڪرڻ گهرجي.
وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania