اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ??هي ته عمران خان 22 سال سياسي جدوجهد ڪرڻ کانپوءِ وزارت عظميٰ تي فائز ٿيو، سڄي دنيا ۾ ڪو??ون?? وائرس جي روڪٿام لاءِ سخت لاڪ ڊائون جي پاليسي ڪامياب نه ٿي سگهي، وزيراعظم عمران خان جي ذاتي دلچسپي سان سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام ۾ ڏيڍ سئو ارب رپين جو اضافو ڪيو ويو، هلندڙ سال مارچ تائين اسان جي اوڳاڙين ۾ 17 سيڪڙو اضافو ٿي رهيو هو، بجيٽ ۾ بلوچستان جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ فنڊ رکي?? ويا آهن، سکر کان حيدرآباد تائين موٽروي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سان ٺاهي ويندي، ديامير ڀاشا، داسو ۽ مهمند ڊيم تي ڪم شروع آهي. قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ??ه الله تعاليٰ ڪو??ون?? کان اسان سڀني کي محفوظ رکي، جيڪي ان جو شڪار ٿيا انهن جي مغفرت فرمائي. اهو چيو ويو ??ه حڪومت جي ناقص پاليسي سان ڪو??ون?? جو ڦهلاءُ ۽ ماڻهو ان جو شڪار ٿيا. عمران خان مخالف ڌر جي اعصاب تي سوار هوندو آهي، ڪو??ون?? 180 ملڪن ۾ آهي ۽ عمران خان جي حڪومت رڳو هتي آهي.
سڄي دنيا ۾ سخت لاڪ ڊائون جي پاليسي ڪامياب نه ٿي سگهي: وفاقي وزير اسد عمر
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں