اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) جون 2021ع تائين 8 ملين ماڻهن کي ا??سا?? ڪفالت پروگرام تحت 12 هزار رپين جي مالي امداد ڏني ويندي، وفاقي حڪومت ڪوويڊ 19 جي ڪري روزگار متاثر ٿيڻ سبب ا??سا?? ڪفالت پروگرام تحت 4 ملين ماڻهن کي هڪ ڀيرو 12 هزار رپين جي مالي معاونت جو فيصلو ڪيو آهي، ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ا??سا?? ايمرجنسي ڪيش پروگرام جي ٻئي مرحلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي سي سي واپڊا جي پاڻي وسيلن جي م??صو??ن جي منافعي جي وقت سر ورڇ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪميٽي پاڪستان سنگل ونڊو ايڪٽ 2021ع تحت 12 مختلف نوٽيفڪيشنز جاري ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني آهي جنهن سان روانگي واپار ۽ آمدني واپار جي حوالي سان پيپر ورڪ ۾ گهٽتائي ۽ واپار جي فروغ ۾ مدد ملندي. ناڻي واري وزارت پاران جاري بيان موجب ناڻي ۽ روينيو واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي صدارت ۾ اي سي سي جو اجل??س ڪابينا ڊويزن ۾ ٿيو.
ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي صدارت ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔