ڪوئيٽه-29 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان آرمي ۽ ايف سي بلوچستان جو سول انتظاميه ۽ پي ڊي ايم اي سان گڏ ٻوڏ متاثر عل??ئقن ۾ ريسڪيو ۽ ريلف آپريشن جاري آهي. هاڻوڪي برسا??ن ۽ ٻوڏ بلوچستان جي وڏي آباديءَ کي بُريءَ طرح متاثر ڪيو آهي ۽ ماڻهن جي جاني ۽ مالي نقصان سان گڏ روڊ رستا پڻ متاثر ٿيا آهن، جنهن سبب امدادي ڪمن ۾ ڏُکيائيون پيش اچي رهيون آهن. پاڪستان آرمي ۽ ايف سي بلوچستان صوبي جي سمورن ضلعن ۾ ض??عي انتظاميه ۽ پي ڊي ايم اي سان گڏجي م??اثرن جي خدمت ۾ رات ڏينهن مصروف آهن. ريسڪيو ٽيمون ٻوڏ ۾ ڦاٿل هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ريسڪيو ڪري م??تلف هنڌن تي منتقل ڪيو آهي. ڪوئيٽه جي عل??ئقي نوان ڪلي ۾ 11 ماڻهو ٻوڏ جي وهڪري ۾ ڦاٿل هئڻ جو اطلاع ملڻ تي پاڪستان آرمي ايوي ايشن انتهائي خراب موسم ۽ تيز برسات دوران انهن ماڻهن کي ريسڪيو رڪي م??فوظ ماڳ تي منتقل ڪيو. ڪوئيٽه ۾ لاڳيتي برسات سبب متاثر ٿيل ڪينٽ جي ڀرپاسي جي م??اثرن کي پوليس لائن ڪوئيٽه ڪينٽ ۾ منتقل ڪري کاڌو ۽ ٻيون ضروري شيون مهيا ڪيون ويون. پاڪستان آرمي ۽ ايف سي بلوچستان ڪوئيٽه، مسلم باغ، چمن، سوئي، مچ، ڊيرا بگٽي، سبي، لهڙي، نصير آباد، بيله، اوٺل ۽ جعفر آباد جي عل??ئقن ۾ رليف ڪيمپس قائم ڪري پڪل کاڌو ۽ ٻيون شيون بسترا فراهم ڪري رهي آهي. ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪوئيٽه، مسلم باغ، سوئي، مچ، ڊيرا بگٽي، سبي، دوبندي، لهڙي، سدوري، ارا جي ضلعن لسٻيلا جي م??تلف هنڌن تي فري ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪري مفت عل??ج لاءِ سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن ۽ روڊ رستن جي جلد بحاليءَ لاءِ سول انتظاميه ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج طرفان شاهراهن ۽ پُلن جي م??مت جو ڪم پڻ تيزيءَ سان جاري آهي?? حب باءِ پاس شاهراهه کان بيله تائين 6 ٽريفڪ مئنجمينٽ ٽيون مقرر ڪيون ويون آهن، جڏهن ته آر سي ڊي شاهراه کي هر قسم جي اچ وڃ لاءِ کوليو ويو، ميري ۽ لاکڙا روڊ سبي تارکني روڊ جيڪو لينڊ سلائيڊنگ سبب بند ڪيا ويا هئا ٽريفڪ لاءِ کوليا ويا آهن. لنڊا پل ۾ پاڻيءَ جي گهٽ سطح هئڻ تي م??مت جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. جنهن کي جلد ٽريفڪ لاءِ کوليو ويندو. پاڪستان آرمي ۽ ايف سي بلوچستان پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي ٻوڏ متاثرن جي ريسڪيو ۽ رليف آپريشن ۾ رات ڏينهن مصروف آهن.
پاڪستان آرمي ۽ ايف سي بلوچستان جو سول انتظاميه ۽ پي ڊي ايم اي سان گڏ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ ريلف آپريشن جاري
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب