اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قوم اڄ پاڪستان جي دفاع ج?? ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي شهيدن ۽ غازين کي سلام پيش ڪري ٿي، جن ڀارتي جارحيت جي خلاف ملڪ جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ٻوڏ متاث??ين جي مدد لاءِ انهي جذبي جي ضرورت آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هٿياربند فوج ۽ قوم متحد ٿي پنهنجي جاگرافيائي سالميت جي خلاف ڀارتي جنگي جنون کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. هن چيو ته تاريخي ٻوڏ جي تباهين ۽ ٻين مسئلن کي منهن ڏيندي اسان کي اڄ 1965ع ج?? جذبي جي ضرورت آهي. قوم جو ات??اد ئي اسان جي سڀ کان وڏي طاقت آهي. هٿياربند فوج ۽ عوام جي ات??اد جي رشتي کي ٽوڙڻ جو ارادو ڪندڙ پاڪستان جو دوست نه ٿو ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته اچو قوم جي ات??اد جي ان رشتي کي مضبوط بڻايون.
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste