مڪو شريف- 28 جون (اي پي پي) لکين حج پانڌيئڙن عرفات جي ميدان ۾ حج جو رڪن اعظم وقوف عرفه اد?? ڪرڻ ۽ مزدلفه ۾ رات گذارڻ کانپوءِ منى پهچي جمرات جي رمي ڪري رهيا آهن. سعودي خابرو اد??ري موجب سعودي حج ۽ عمري واري وزير ڊاڪٽر توفيق الربيعه موجب هلندڙ سال 2023 (1444 هجري) ۾ 150 کان وڌيڪ ملڪن کان آيل حج پانڌيئڙن جو تعداد 18 لک 45 هزار رهيو. ان کان اڳ حاجين مسجد نمره ۾ حج جو خطبو ٻڌو جنهن جو ترجمو اردو سميت 20 ٻولين ۾ نشر به ڪيو ويو. حاجي سڳورن عرفات جي ميدان ۾ ظهر ۽ عصر ج?? نماز هڪ اذان 2 اقامت سان قصر اد?? ڪئي ۽ سج لٿي تائين وقوف ڪيو. سج لهندي ئي حاجي سڳورن جا قافل?? ميدان عرفان کان مزدلفه طرف روانا ٿيا. حاجي سڳورن مزدلفه ۾ جيڪو ٽ??ون حج جو مقام آهي، اتي پهچڻ تي مغرب ۽ عشا جي نماز هڪ اذان 2 اقامتن سان اد?? ڪئي ۽ رمي لاءِ پٿر??ون گڏ ڪيون. واضح رهي ته جمرات جي رمي جنهن کي عام ٻولي ۾ شيطان کي پٿر??ون هڻڻ چيو ويندو آهي، حج جي اهم مناسڪ مان هڪ آهي. حاجي سڳورن جمرات جي رمي ڪرڻ کانپوءِ قرباني، حلق يا تقصير ( وار ڪٽرائڻ) کانپوءِ احرام کولي ڇڏيندا.
حاجي سڳورن جا قافلا جمرات جي رمي لاءِ مزدلفه کان منى پهچڻ لڳا
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج