واشنگٽن – 11 ڊسمبر (اي پي پي) اڳوڻي آمريڪي صد?? ڊونلڊ ٽرمپ نيويارڪ فراڊ ڪيس ۾ پنهنجي دفاع ۾ بيان ڏيڻ جو ارادو تبديل ڪندي چيو آهي ته هو ڪو موقف نه ڏيندو ڇو ته هن وٽ چوڻ لاءِ وڌيڪ ڪجهه نه آهي. اردو نيوز مطابق ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ٽروٿ“ تي لکيو ته هو پنهنجي ۽ پنهنجي پٽن ڊان جونيئر ۽ ايرڪ، ٽرمپ آرگنائيزيشن جي ٻين عهديدارن خلاف جاري ڪيس ۾ پهرين ئي گواهي ڏئي چڪو آهي. ٽر??پ کان گذريل مهيني استغاثه طرفان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي هئي جنهن هن تي ۽ ٻين مدعا ??ليهان تي الزام هنيو ته هنن پنهنج?? ريئل اسٽيٽ جي اثاثن جي ماليت کي وڌائي پيش ڪيو ته جيئن بينڪ قرضن ۽ انشورنس جي لاءِ شرطن تي پورو لهي سگهجي.
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا