واشنگٽن -29 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي نائب صدر ڪملا هيرس جي چونڊ مهم جي ڊپٽي مئنيجر روب فلهرٽي چيو آهي، ته ڪملا هيرس ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي صدارتي اميدوار بڻجڻ کان ??وءِ پنهنجي چونڊ مهم لاءِ هڪ هفتي ۾ 200 ملين ڊالر جمع ڪيا آهن. ميڊيا مطابق هن ايڪس تي چيو ته ??نهن هفتي اسان ??هم جي شروعات ڪئي ڪملا هيرس 200 ملين ڊالر گڏ ڪري ورتا آهن جن مان 66 سيڪڙو نون عطيو ڏيندڙن طرفان ??ليا آهن. اسان چونڊ مهم ۾ هڪ لک 70 هزار نون رضاڪارن کي پڻ شامل ڪيو آهي. ڪملا هيرس جي ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي اميدوار طور نامزدگي کي اڳوڻي اسپيڪر نينسي پلوسي سميت ٻين اڳواڻن اڳيان ??ڌايو ۽ وڏي پيم??ني تي ووٽرز مهم لاءِ عطين سان سندس حمايت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : راکی