اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيني صدر شي جن پنگ جي بصيرت کي ساراهيندي چ??و آهي ته اسرندڙ ملڪن جي لاءِ چين جي گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ ترقي هڪ ماڊل آهي. هن اها ڳالهه چين جي اسٽيٽ ڪائونسل انفارميشن آ??يس جي ڊائريڪٽر جيانگ جيانگو سان وزيراعظم آ??يس ۾ ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين آئرن برادرز آهن ۽ صدر شي جن پنگ جي 2015ع ۾ پاڪستان جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا سدابهار حصيداري جي بلند ترين سطح تي پهچي ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان سي پيڪ کي حقيقت جو روپ ڏيڻ جي لاءِ چيني عزم کي ساراهي ٿو جيڪو هڪ خطو هڪ رستو قدمن جو فليگ شپ منصوبو آهي.
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ