اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ??هي ته پرڏيهي پاليسي ۾ اسان جي ترجيحن جو محور پاڪستان ۽ ان جا مفاد هوندو، عوام جي بهتري لاءِ اقتصادي سفارتڪاري کي استعمال ۾ آندو ويندو، پرڏيهي معاملن تي قومي اتفاق راءِ کي ترجيح ڏني ويندي، ??ن سلسلي ۾ مخالف ڌر جي وڏين پارٽين کي پڻ مشاورت جي دعوت ڏني ويندي، ??فغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۾ امن جي ضمانت آهي، ڀارت سان ڪشمير سميت پراڻا مسئلا موجود آهن، جڏهن ته انهن جي حل لاءِ ڳالهين کانسواءِ اڳتي وڌڻ جو ڪو رستو نه آهي، ??مريڪا جي ترجيحن ۽ خدشن جو اندازو ??هي جن کي سامهون رکندي واضح انداز ۾ ڳالهائينداسين، ملڪن جي عزت ۽ وقار برابر هوندو آهي. هو پرڏيهي وزارت جو قلمدان سنڀالڻ ??انپوءِ پريس ڪا??فر??س کي خطاب ڪري رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن