اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل ايندڙ مالي سال جي ترقياتي بجيٽ 2100 ارب روپيا ڪرڻ ۽ واڌ جي شرح جو هدف 4.6 سيڪڙو رکڻ جي ??نظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل جو اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ سمورا وڏا وزير ۽ ٻيا اين اي سي ميمبرن شرڪت ٿيا. اجلاس ۾ مالي سال 22- 2021ع لا??ِ ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ جي ??نظوري ڏني وئي، ايندڙ مالي سال لاءِ واڌ جي شرح جو هدف 4.8 سيڪڙو مقرر ڪرڻ جي ??نظوري به ڏني وئي، ايندڙ مالي سال ۾ زراعت ۾ اضافي جو هدف 3.5 سيڪڙو، انڊسٽريل سيڪٽر 6.5 سيڪڙو، جڏهن ته سروسز سيڪٽر ۾ 4.8 سيڪڙو هوندو، منصوبابندي واري وزارت پاران مالي سال 22 -2021ع جو پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام پيش ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ مالي سال لاءِ ترقياتي بجيٽ نظرثاني ڪاٿن موجب 1527 ارب روپيا رهندو، مالي سال 22 -2021ع جو ترقياتي بجيٽ 2100 ارب روپيا مقرر ڪرڻ جي ??نظوري ڏني وئي، پي ايس ڊي پي جو ماپو 900 ارب روپي?? هوندو، ان مان 244 ارب ٽرانسپورٽ اينڊ ڪميونيڪيشن، 118 ارب روپيا توانائي، 91 ارب روپيا آبي وسيلا، 113 ارب روپيا سوشل سيڪٽر، 100 ارب روپيا علائقائي برابري، 31 ارب روپيا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ آءِ ٽي سيڪٽر، 68 ارب روپيا ايس ڊي ج??ز جڏهن ته 17 ارب روپيا پروڊڪشن سيڪٽر تي خرچ ڪرڻ جي ??نصوبابندي ڪئي وئي آهي،ا جلاس کي ٻڌايو ويو ته پي ايس ڊي پي جو محور انفراسٽرڪچر جي بهتري، آبي وسيلن جي ڊولپمينٽ، سوشل سيڪٽر جي بهتري، علائقائي برابري، اسڪل ڊولپمينٽ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ آءِ ٽي جو فروغ ۽ ماحوليات جي حوالي سان قدمن هوندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي ايس ڊي پي ۾ حڪومتي پاليسي موجب انهن علائقن جي ضرورتن کي پورو ڪيو ويندو جيڪي پوئتي رهجي ??يون آهن، ان ڏس ۾ ڏکڻ بلوچستان، سنڌ جا ڪجهه ضلعا، گلگت بلتستان لا??ِ مناسب فنڊز مختص ڪيا ويا آهن، ڏکڻ پنجاب جي ضلعن ۾ انفرااسٽرڪچر جي ??نصوبن لاءِ به فنڊز مختص ڪيا ويا آهن، اهڙي طرح ضم ٿيل علائقن لاءِ 54 ارب روپين جا فنڊز مختص ڪيا ويا آهن،
وزيراعظم جي صدارت ۾ نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی