اسلام آباد/نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي افغانس??ان جي حوالي سان يورپي يونين جي قراردادن ۾ پاڪس??ان بابت منفي ۽ غيرمنطقي حوالن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ??هڙ?? قسم جا غيرمنطقي حوا??ا پاڪس??ان ۽ يورپي يونين جي گڏيل لاڳاپن سان هڪ جهڙائي نه ٿا رکن ۽ اهو امن جي فروغ لاءِ پاڪس??ان جي ڪوششن کي نظرانداز ڪرڻ جي برابر آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪس??ان تمام گهڻو مالي ۽ جاني نقصان برداشت ڪيو آهي. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه جوزف بوريل سان ملاقات دوران چئي. ڳالهه ٻولهه دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغانس??ان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانس??ان ۾ امن قائم ٿيڻ نه رڳو پاڪس??ان پر پوري خطي جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهي. انساني ۽ معاشي بحران جي نظر ايندڙ خطري جي ڏس ۾ عالمي برادري کي افغانس??ان جي معاونت کي جاري رکڻو پوندو. پرڏيهي وزير يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه کي ٻين يورپي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٿيندڙ رابطن کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير افغانس??ان جي حوالي سان يورپي يونين جي قرارداد ۾ پاڪس??ان بابت منفي حوالن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ??هڙ?? قسم جا غيرمنطقي هوا??ا پاڪس??ان ۽ يورپي يونين جي گڏيل لاڳاپن سان هڪ جهڙائي نه ٿا رکن ۽ امن جي فروغ لاءِ پاڪس??ان جي ڪوششن کي نظرانداز ڪرڻ جي برابر آهي. پرڏيهي وزير چيو ته افغانس??ان مان مختلف ملڪن جي سفارتڪارن ۽ ٻين عملدارن جي محفوظ انخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪس??ان ڀرپور معاونت ڪئي. ٻطرفن لاڳاپن جي ڏس ۾ پرڏيهي وزير پاڪس??ان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ تعاون جي نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪس??ان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ سياسي ۽ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جلد منعقد ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير ۽ يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه افغانس??ان تي ويجهو رابطو برقرا?? رکڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.
شاهه محمود قريشي سان يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه جي ملاقات، افغانستان بابت يورپي يونين جي قراردادن ۾ پاڪستان بابت منفي ۽ غيرمنطقي حوالن تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔