اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي خلاف هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين، ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جار?? رکندا. اها ڳالهه هن آزاد ??مون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي سان ڳالهائيندي ڪئي، جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران آزاد ??شمير جي مج??وع?? صورتحال ۽ تعمير ۽ ترقي جي ايجنڊا ت?? ڳالهه ٻولهه ٿي، ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري مخدوم زين قريشي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اطلاعات وارو مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري توصيف عباسي به ان موقعي تي موجود هئا.
پرڏيهي وزير سردار عبدالقيوم نيازي کي وزارت عظميٰ، آزاد ??مون ۽ ڪشمير جي منصب سنڀالڻ تي مبارڪباد ??ني،آزاد ??شمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي کيس آزاد ??مون ۽ ڪشمير جي تعمير ۽ ترقي لاءِ آئنده جي لائحه عمل کان آگاهه ڪيو ۽ پرڏيهي وزير کي آمريڪا جو ڪامياب دورو ڪرڻ تي مبارڪباد ??يندي ڪشميرين جي جائز حق، خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندس جدوجهد کي ساراهيو. آزاد ??شمير جي وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت آزاد ??مون ۽ ڪشمير جي عوام جي مسئلن کي ترجيحي بينادن تي حل ڪرڻ سان گڏوگڏ ڀارتي قابض فوج جي ظلمن کي منهن ڏيندڙ ??الاريل ڪشمير جي رهواسين کي درپيش مشڪلاتن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.
هن چيو ته اسان ڪشميرين جي ان جدوجهد ۾ انهن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جار?? رکڻ لاءِ پرعزم آهيون، اسان تازو ئي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي ظلم ۽ ستم ۽ جنگي ڏوهن جي ٺوس ثبوتن تي ٻڌل ”ڊوزيئر“ دنيا جي سامهون پيش ڪيا آهن، شاهه محمود قريشي چيوت ه ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي خلاف هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين.