اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ماضي ۾ چوري ۽ ڪرپشن کي برائي سمجهيو ئي نه ويو، وزيراعظم ۽ وزيرن کان ??ڏهن ڪرپشن شروع ٿئي ته هيٺ تائين هلي وڃي ٿي، ڪرپشن سان قومن جي اخلاقيات تباهه ٿي وڃي ٿي، جيڪو شخص حق تي بيٺل هجي ان ??ي طاقت کي ڪڏهن گهٽ نه سمجهڻ گهرجي، وڏو انسان ??هو هوندو آهي جنهن جو خواب وڏو هجي، انصاف نه ڪندڙ قومون مٽجي وينديون آهن، نبي ڪريم ﷺ پنهنجي مثال سان مديني جي رياست ۾ اخلاقي قدرن کي بلند ڪيو، اسان کي اسلامي اڪابرين جي زندگي جي مطالعي جي ضرورت آهي، اميد آهي ته نوان ??فيسر ملڪ کي عظيم بڻائيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايڊمنسٽريٽو سروس جي 44 هين خصوصي تربيتي پروگرام جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ??لله تعاليٰ انسان کي مختلف حوالن سان ??زمائيندو آهي، انسان ??و اصل امتحان ??ڏهن ٿيندو آهي جڏهن ان ??ي ڪا آزمائش اچي ٿي، سول سروس جي شروعات ڪندڙن جو اصل امتحان هاڻي شروع ٿيو آهي، آزمائش ۾ ئي خبر پوندي آهي ته ??يمان ڪيترو مضبوط آهي، مستقبل هاڻي توهان ??ي آڏو آهي، هاڻي توهان کي موقعو مليو آهي، ڏسڻو آهي ته ??وهان ڪيترا وڏا انسان ??ڻجو ٿا، وڏو انسان ??هو ئي هوندو آهي جنهن جو خواب وڏو هجي، ايمان ??ڀ کان وڏي قوت آهي، الله تعاليٰ جي ذات تي ايمان ??نسان کي آزاد بڻايو، نوجوانن کي اسلامي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ گهرجي ته ??ضور اڪرم ﷺ جي وصال کانپوءِ 20 سالن جي اندر مسلمانن پوري دنيا کي فتح ڪيو ۽ اهو ايمان ??ي قوت جي ڪري ئي ممڪن ٿيو، اقبال جيڪو شاهين جو تصور ڏنو آهي ان مان ??ه اها ئي مراد آهي ته ??اهين دنيا جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏي ٿو ۽ ان ??ي رس??ي ۾ ڪا رڪاوٽ نه ٿي بيهي. وزيراعظم چيو ته ??نسان کي پنهنجي زندگي ۾ ٻن رس??ن مان هڪ رس??ي جي چونڊ ڪرڻي پوندي آهي، هڪ رس??و ڪاميابي ۽ ٻيو رس??و تباهي جو هوندو آهي، هڪ رس??و بظاهر مشڪل لڳندو آهي پر اهو ئي ڪاميابي طرف وٺي ويندو آهي جڏهن ته ٻيو رس??و مختصر ۽ شارٽ ڪٽ جو رس??و هوندو آهي، انهن ٻنهي رس??ن مان هڪ رس??ي جي چونڊ ئي انسان کي اڳتي وڌڻ جي لاءِ اختيار ڪرڻو پوندو آهي، حضور اڪرم ﷺ اسان کي ڪاميابي جو رس??و ڏيکاريو ۽ انهن کي جيڪا عظمت ملي آهي اها نه اڳ ۾ ڪنهن جي حصي ۾ آئي آهي ۽ نه ئي ايندي. وزيراعظم چيو ته ڪرڪيٽ جي اسان ??ي دور ۾ ڏکڻ آفريقا تي نسلي امتياز جي ڪري پابنديون هيون ۽ اتي کيڏڻ جي لاءِ وڏي رقم جي آڇ ڪئي ويندي هئي پر انهن جي آڇ قبول ڪرڻ انهن جي پاليسي کي تسليم ڪرڻ جي برابر هو، چين جي اڳوڻي صدر چيئرمين مائو پاڪستانين ۾ الله تعاليٰ جي خوف جي ڪري پاڪستان کي هڪ عظيم ملڪ قرار ڏنو هو ۽ ان ??و چوڻ هو ته ??يڪا قوم سخت گرميءَ ۾ رمضان ۾ روزي جي حالت ۾ پاڻي نه ٿي پيئي، اها الله جي خوف کان ??چ به ڳالهائي سگهي ٿي ۽ اها چوري به نه ڪندي، اها قوم تمام عظيم آهي جنهن کي خدا جو خوف هجي. هن چيو ته 60ع جي ڏهاڪي ۾ ملڪ تيزي سان ??رقي ڪري رهيو هو ۽ عظيم ملڪ بڻجي رهيو هيو ۽ پاڪستان ??ي بيوروڪريسي پنهنجي معيار، لڳاءُ ۽ عزم جي ڪري ان وقت پوري ايشيا ۾ بهترين سمجهي ويندي هئي پر آهستي آهستي اسان ??ي اخلاقيات هيٺانهين جو شڪار ٿي وئي، اڳ ۾ اخلاقي تنزلي ايندي آهي پوءِ اخلاقي تباهي جو قومون شڪار ٿينديون آهن، سمورن غريب ملڪن ۾ بدعنواني هڪ گڏيل مسئلو آهي ڇو ته ??تي اخلاقي قدر ڪمزور هوندا آهن، امير ترين ملڪن ۾ انصاف جي فراهمي لاءِ اخلاقي قوت موجود هوندي، جيڪو انسان ??خلاقي طور تي ڪمزور هوندو اهو انصاف به نه ٿو ڪري سگهي ۽ اهو پوءِ اين آر او ڏي ٿو ۽ چورن سان ڊيل ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته ??يڪا قوم انصاف نه ٿي ڪري سگهي اها تباهه ٿي وڃي ٿي، نبي پاڪ ﷺ جو فرمان ??هي ته ??ماجي فرق ڪندڙ قومون تباهه ٿي وينديون آهن، نبي ڪريم ﷺ پنهنجي مثال سان مديني جي رياست ۾ اخلاقي قدرن کي بلند ڪيو. هن چيو ته 80ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان هندستان کان ??مير ملڪ هو پر آهستي آهستي اهو اسان کان ??ڳتي نڪري ويو، بنگلاديش به ترقي جي ڊوڙ ۾ پاڪستان کان ??ڳتي نڪري ويو، ماضي ۾ پاڪستان ۾ چوري ۽ ڪرپشن کي برائي سمجهيو ئي نه ويو، جڏهن اشرافيه جي اخلاقيات هيٺ ڪري ٿي ته پوءِ سڄي ملڪ جي اخلاقيات تنزلي جو شڪار ٿئي ٿي پوءِ رڳو پٽواري ۽ ٿاڻيدار کي ئي ڪرپشن جوا لزام نه ڏيڻ گهرجي، وزيراعظم ۽ وزيرن کان ??ڏهن ڪرپشن شروع ٿئي ته ??ها هيٺ تائين وڃي ٿي. هن چيو ته ??لله تعاليٰ جي خوف کان ??چ ۽ حق جي رس??ي تي بيٺل رهندڙن جو اخلاقي معيار تمام بلند هوندو آهي، اسان کي اسلامي اڪابرين جي زندگي جي مطالعي جي ضرورت آهي، جيڪو شخص حق تي بيٺل هجي ان ??ي طاقت کي ڪڏهن گهٽ نه سمجهيو، هڪ ايماندار ٿاڻيدار پوري ٿاڻي ۽ هڪ ايماندار ايس پي پوري ضلعي کي ٺيڪ ڪري سگهي ٿو، پنهنجي عهدي جو جيڪڏهن صحيح ۽ انصاف سان ??ستعمال ڪيو ويندو ته پوءِ مشڪل رس??و به آسان ٿي ويندو، حق جي راءِ واري زندگي مشڪل ضرور هوندي آهي پر اها ئي انسان ??ي عظمت جو رس??و هوندي آهي. وزيراعظم آفيسرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ??ميد ڪريون ٿا ته ??هي ملڪ کي عظيم بڻائيندا.
پاڪستان ۾ ماضي ۾ چوري ۽ ڪرپشن کي برائي سمجهيو ئي نه ويو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ