اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان سان آمريڪي سينيٽرن تي ٻڌل وفد ملاقات ڪئي آهي. چار رڪني وفد ۾ آمريڪي سينيٽرز انگس ڪنگ، رچرڊ بر، جان ڪارنائن ۽ بينجمن سيسي شامل هئا. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب آمريڪا جا چار ئي سينيٽرز آمريڪا جي سينيٽ جي انٽيليجنس ڪميٽي جا ميمبر آهن جڏهن ته سينيٽر انگس ڪنگ سينيٽ جي آرمڊ سروسز جو ميمبر پڻ آهي. آمريڪي سينيٽرز جي وفد جو استقبال ڪندي وزيراعظم ??مر??ن خان چيو ته پاڪستان آمريڪا سان ڊگهي م??ي وارا لاڳاپا رکي ٿو ۽ اقتصادي شعبي سميت ٻين شعبن ۾ پاڪ آمريڪا گڏيل لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ پرعزم آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته آمريڪي قانونسازن جي وفد جي دوري سان گڏيل اعتماد جي استحڪام ۾ مدد ملندي ۽ ان سان عوامي رابطن ۾ پڻ بهتري ايندي. وزيراعظم ??مر??ن خان ان عزم کي ورجايو ته ٻنهي ملڪن جي حصيداري خطي جي امن ۽ سلامتي ۽ استحڪام جي مفاد ۾ آهي. افغانستان جي تازي صورتحال جي ڏس ۾ وزيراعظم ??مر??ن خان چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا کي امن، سلامتي ۽ معاشي ترقي جا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل رابطن ۾ اضافو ضروري آهي. هن افغان عوام جي فوري م??د جي ضرورت تي خاص زور ڏيندي چيو ته ان حوالي سان هر قسم جي ممڪن قدمن جي ضرورت آهي ته جيئن ڪنهن انساني ۽ معاشي بحران کان بچي سگهجي. وزيراعظم ??مر??ن خان ويجهي حصيداري جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ??ه خطي ۾ دهشتگردي سميت سيڪيورٽي جي خدشن جي حوالي سان ويجهو تعاون ضروري آهي. غيرقانوني ڀارتي والاريل ??مون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي حوالي سان هن چيو ته آر ايس ايس جي انتهاپسنداڻي ۽ انساني حقن جي م??الف سوچ تي ٻڌل بي جي پي جي قدمن سان خطي جي امن ۽ استحڪام کي سنگين خدشا درپيش آهن. هن زور ڏنو ته آمريڪا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجو ڪردار لازمي طور تي ادا ڪري. وزيراعظم ??مر??ن خان چيو ته جيڪڏهن ڀارت سازگار ماحول جي فراهمي يقيني بڻائي ته پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. عالمي سطح تي امن ۽ سلامتي جي فروغ لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جي ڏهاڪن تي ٻڌل گڏيل جدوجهد جو حوالو ڏيندي سينيٽرن 15 آگسٽ کانپوءِ افغانستان مان آمريڪي ۽ ٻين غيرملڪي شهرين جي م??فوظ انخلا جي حوالي سان پاڪستان جي تازي ڪردار کي ساراهيو. هنن پاڪستان ۽ آمريڪا جي گڏيل لاڳاپن ۾ استحڪام ۽ وسعت جي حوالي سان پنهنجي عزم کي پڻ ورجايو. پاڪستان جي آبادي ۽ جيو اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ جي ڏس ۾ آمريڪي سينيٽرن چيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان کي واپار، سيڙپڪاري ۽ معاشي تعاون جي فروغ لاءِ ڪوششن کي سگهه ڏيڻ گهرجي.
وزيراعظم عمران خان سان آمريڪي سينيٽرن تي ٻڌل وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کڑک