اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ??بي?? چيو آهي ته ڪش??ير مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب فوري ??ل ٿيڻ گهرجي، اسان ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهيون، پوري پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي دلين ۾ ڪش??ير وسي ٿو، پاڪستان هر فورم تي ڪش??ير مسئلي کي اجاگر ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري ۾ به ڪش??ير مسئلي تي ڳالهه ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي اهتمام هيٺ يوم يڪجهتي ڪش??ير جي حوالي سان ڊجيٽل تصويري نمائش جي موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. يوم يڪجهتي ڪش??ير تي شاندار نمائش جي انعقاد تي ڊيمپ جو ٿورو ادا ڪريان ٿو. فرخ ??بي?? چيو ته ڪش??ير ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ بربريت کي شاگردن پينٽنگز جي ذريعي اجاگر ڪيو آهي، ڪشميري مائرن، ڀينرن جي تڪليفن کي اسان محسوس ڪريون ٿا، انساني حقن جي خلاف ورزين تي پاڪستان سدائين آواز بلند ڪندو رهيو آهي، مملڪتي وزير چيو ته 5 آگسٽ جي هندوستاني قدم کانپوءِ 90 لک ڪشميري قيد آهن، نه ميڊيا آزاد آهي نه سوشل ميڊيا هلي رهي آهي، مودي جي آر ايس ايس سوچ جو عملي مظاهرو ڪش??ير ۾ ظلم ۽ بربريت جي صورت ۾ ڏسي سگهجي ٿو، هن چيو ته برهان واني جهڙن ??وا??ن کي شهيد ڪيو ويو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪش??ير جو سچو وڪيل ۽ دلير سفير جو ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪش??ير مسئلي کي هر عالمي فورم تي موثر انداز ۾ ڪش??ير جو ڪيس پيش ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پاران هندستاني ظ??من کي اجاگر ڪرڻ تي هاڻي مغربي ميڊيا به ان مسئلي تي ڳالهه ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. مملڪتي وزير فرخ ??بي?? چيو ته دنيا کي به پنهنجون اکيون ۽ ڪن کليا رکڻ گهرجن، ڪش??ير مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب فوري ??ل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان ڪش??ير سان گڏ بيٺل آهيون، وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري ۾ به ڪش??ير مسئلي تي ڳالهه ٿيندي. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري ايڊيشنل سيڪريٽري مبشر توقير ۽ ٻين عملدارن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مملڪتي وزير فرخ ??بي?? نمائش ۾ رکيل تصويرن جو به مشاهدو ڪيو، شرڪت ڪندڙن کي ڪش??ير ڪهاڻي جي عنوان سان هندستان جي ظ??م ۽ بربريت تي ٺاهيل دستاويزي فلم به ڏيکاري وئي، مملڪتي وزير فرخ ??بي?? شاگرن جي وچ ۾ پيٽنگز مقابلن ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙن ۾ انعام به ورهايا ۽ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز هر سال يوم يڪجهتي تي هندستاني ظ??من کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ تصويري نمائش جو اهتمام ڪندو آهي.
ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب فوري حل ٿيڻ گهرجي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔