اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) ۽ قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي وائيس چانسلر کي هدايت ڪئي آهي ته يونيورسٽي ڪيمپس ۾ بلوچ ش??گردن کي هراسان ڪرڻ ۽ نسلي پروفائلنگ جي واقعن کان بچڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. ايوان صدر جي پريس ??نگ مان جاري بيان موجب صدر اهڙيُون هدايتُون اسلام آباد ??اء?? ڪورٽ جي 8 اپريل 2022ع جي حڪم نامي جي تعميل ۾ بلوچ ش??گردن جون شڪايتون ٻڌڻ کانپوءِ جاري ڪيون آهن جنهن ۾ صدر جيڪو قائداعظم يونيورسٽي جو چانسلر به آهي، کي چيو ويو هو ته هو بلوچ ش??گردن جي مسئلن کي فوري حل ڪري، عدالت بلوچ ش??گردن جا مسئلا ٻڌا، نسلي پروفائلنگ جي جاچ ڪرڻ ۽ عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو چيو هو، صدر اها هدايت ايوان صدر ۾ ٿيندڙ ٻڌڻي کانپوءِ ڪئي جنهن ۾ قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي، گهرو وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري محمد ايوب چوڌري ۽ ايڊووڪيٽ ايمان زينب حاضر شرڪت ڪئي، صدر ايڇ اي اي کي سمورين وفاقي يونيورسٽين کي پنهنجي ڪميپسز ۾ هراسان ڪرڻ ۽ نسلي پروفائلنگ جي ڪنهن به واقعي کان بچڻ لاءِ اڻٽر قدم کڻڻ لاءِ ضروري هدايتون جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ملڪ کي هڪ انوکي صورتحال درپيش آهي ۽ دهشتگردي جي ڪاررواين جو ٻيهر سر کڻڻ ڳڻتي جوڳو آهي، هن چيو ته دهشتگردي جي تدارڪ لاءِ ڪوششون اسان جي امن ۽ وجود لاءِ ضروري آهن پر کين انتهائي احتياط ۽ توازن سان انجام ڏي?? گهرجي ته جيئن آبادي جي ڪنهن به طبقي خاص طور تي بلوچستان جي شاگردن کي ڌار يا پروفائل نه بڻائي سگهجي، صدر قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کي به هدايت ڪئي ته بلوچستان جي شاگردن جي معاملي ۾ عمومي طور تي احساس محرومي يا تنهائي ڏٺي ويندي آهي، تنهن ڪري سمورن تعليمي ادارن تي فرض آهي ته هو اهڙن جذبن کي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ احتياط ڪن. هن چيو ته بلوچ ش??گردن ۾ احساس محرومي کي ختم ڪرڻ لاءِ شاگرد برادري جي اندر سرگرمين ۽ مباحثن جو هڪ فعال پروگرام تيار ڪر?? گهرجي، هن وائيس چانسلر کي چيو ته هو اهڙي ڪنهن به سرگرمي جي سرگرمي سان نگراني ڪري جيڪا قائداعظم يونيورسٽي ۾ بلوچ ش??گردن جي لاءِ ڳڻتي جو سبب هجي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بدنامي کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا و??ن ۽ يونيورسٽي ايندڙن جي تصديق ڪئي وڃي، ان کان اڳ صدر 20 ۽ 21 اپريل 2022ع تي بلوچ ش??گردن جا مسئلا ٻڌا هئا، صدر کي آگاهه ڪيو ويو هو ته هڪ بلوچ ش??گرد بلوچستان ۾ پنهنجي اباڻي شهر کان گم ٿي ويو آهي جنهن کي هڪ نامعلوم شخص جو فون آيو جنهن ان کي ٻي نامعلوم شخص کان قائداعظم يونيورسٽي جي ڪيمپس ۾ ملڻ جو چيو، ان کانپوءِ معلوم ٿيو ته حفيظ بلوچ نالي شاگرد بازياب ٿي چڪو آهي ۽ اهو پوليس جي حراست ۾ آهي. شاگردن صدر/ قائداعظم يونيورسٽي جي چانسلر کان حفيظ بلوچ جي سيمسٽر کي منجمند ڪرڻ جي درخواست ڪئي ته جئين هو الزام مان بري ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجي تعليم جاري رکي سگهي، قائداعظم يونيورسٽي جي وائس چانسلر بلوچ ش??گردن جي درخواست سان اتفاق ڪيو ۽ صدر کي يقين ڏياريو ته حفيظ بلوچ جو سيمسٽر منجمند ڪيو ويندو ته جئين هو الزامن مان بري ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجي تعليم جاري رکي سگهي، صدر کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي ڪيمپس ۾ نامعلوم ماڻهن پاران ڪجهه بلوچ ش??گردن کان تحقيق جي آڙ ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي ۽ مختلف تنظيمن ۾ شموليت جي انهن جي ارادن جي باري ۾ سوال ڪيا پيا وڃن، صدر شاگردن جي ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ ايڇ اي سي ۽ قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کي بلوچ ش??گردن جي شڪايتن جي جلد کان جلد حل کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري حڪم جاري ڪيا، شاگردن صدر جو بلوچ ش??گردن کي ڪافي وقت ڏيڻ ۽ تحمل سان انهن جا خدشا ٻڌڻ تي ٿورو ادا ڪيو
صدر پاران ايڇ اي سي۽ قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کي بلوچ شاگردن کي هراسان ڪرڻ ۽ نسلي پروفائلنگ جي واقعن کان بچڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada