اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي صدارت ۾ سر??اري اشتهارن جي ورڇ ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڏا فيصلا ڪيا ويا آهن، باقاعدگي س??ن شايع ٿيندڙ اخبارن کي منصفاڻي ۽ شفاف طريقي س??ن اشتهار جاري ڪيا ويندا. ذريعن موجب ان اجلاس ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن سميت ٻيا اعليٰ عملدار شريڪ هئا. اجلاس ۾ فيصلو ??يو ويو ته اشتهارن جي ورڇ اخبارن ۽ رسالن جي ڇپائي جي انگ جاچڻ جي لاءِ ڊيجيٽل نظام آندو وڃي. اجلاس کي اخبارن ۽ رسالن جي ڇپائي جاچڻ جي لاءِ فهرست (اي بي سي) جي حوالي س??ن بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ق??مي ۽ علائقائي اخبارن ۽ رسالن جي اي بي سي بابت جامع پا??يس?? اختيار ڪرڻ تي غور ڪيو ويو. اخبارن جي باقاعدگي س??ن ڇپائي ۽ انگ جاچڻ لاءِ معاملن تي تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي (سينٽرل ميڊيا لسٽ) ۾ موجود اخبارن جي تفصيلن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ اصولي فيصلو ??يو ويو ته باقاعدگي س??ن شايع ٿيندڙ اخبارن ۽ رسالن کي منصفاڻي ۽ شفاف طريقي س??ن اشتهار جاري ڪيا ويندا. اجلاس ۾ اشتهار رڳو باقاعدگي س??ن شايع ٿيندڙ اخبارن ۽ رسالن کي ئي جاري ڪرڻ جو فيصلو ??يو ويو آهي.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير جي صدارت ۾ سرڪاري اشتهارن جي ورڇ ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڏا فيصلا
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز