ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف قلعه سيف الله ۽ چمن جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري کانپوءِ ڪوئيٽا ۾ هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ و??ير??عظم هڪ ڀيرو ٻيهر فوت ٿيندڙن جي وارثن کي معاوضي جي وقت سر ادائيگي جي هدايت ڪئي. و??ير??عظم اها به هدايت ڪئي ته قلعه سيف الله ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد جي حوالي سان جيڪي ڪوتاهيون ٿيون ۽ ج??ڪي شڪايتون ٻڌڻ ۾ آيون اهي ورجايون نه وڃن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته متاثرين کي دوائون ۽ کاڌي پيتي جون شيون ترجيحي بنيادن تي پهچايون وڃن. هن امدادي سامان جي فراهمي جي سمورن رڪارڊز کي محفوظ رکڻ جو پڻ حڪم ڏنو. بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو دوري ۽ متاثر علائقن جو جائزو وٺڻ تي و??ير??عظم جا ٿورا مڃيا. هن خاطري ڪرائي ته صوبائي حڪومت و??ير??عظم آفيس کي هر ممڪن طور تي امداد ۽ بحالي جي ڪمن کان آگاهه رکندي ۽ و??ير??عظم جي هدايتن تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير نوابزاده شاهه زين بگٽي، دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير اسرار ترين ۽ اين ڊي ايم اي جو چيئ??مي?? موجود هئا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قلعه سيف الله ۽ چمن جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري کانپوءِ ڪوئيٽا ۾ هڪ اهم اجلاس
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena