نوشهره – 31 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو آهي ته ٻوڏ ??تاثرين جي بحالي، گهرن جي ٻيهر تعمير جي لاءِ خيبر پختون خواهه جي صوبائي حڪومت قدمن جي رفتار تيز ڪري، ٻوڏ ??تاثرين جي مشڪلاتن جي جلد حل جي لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن، پوري قوم دل ک??لي متاثرين جي امداد ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن نوشهره ٻوڏ ??تاثر علائقي جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي صدر کي مردان پل تي ضلعي عملدارن پاران ٻوڏ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته نوشهره جي علائقي ۾ ٻوڏ سبب اٽڪل هڪ لک 50 هزار ماڻهو متاثر ٿيا، ٻوڏ ??تاثرين جي امداد لاءِ 100 امدادي ڪئمپون لڳايون ويون آهن، ڪئمپن ۾ 25 هزار جي لڳ ڀڳ متاثرين موجود آهن، خيبرپختونخواهه حڪومت ٻوڏ ??تاثرين جي لاءِ امدادي رق?? ٻيڻي ڪري ڇڏي آهي، ٻوڏ جي وقت سر اطلاع جي ڪري آبادي کي وقت سر محفوظ جڳهه تي منتقل ڪيو ويو، حفاظتي بند پنهنجي صلاحيت کان وڌيڪ ٻوڏ ريلو برداشت ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته ٻوڏ ??تاثرين جي بحالي، گهرن جي ٻيهر تعمير جي لاءِ صوبائي حڪومت قدمن جي رفتار وڌيڪ تيز ڪري. ٻوڏ ??تاثرين جي مشڪلاتن جي جلد حل جي لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن. هن چيو ته پوري قوم دل ک??لي متاثرين جي امداد ڪري. پاڪستاني قوم سدائين مشڪل وقت ۾ پنهنجي ڀائرن جي دادرسيءَ ڪئي آهي. فوجي ۽ سول ادارن ۽ فلاحي تنظيمن ٻوڏ ??تاثرين جي امداد جي لاءِ ساراهه جوڳو ڪم ڪيو.
ٻوڏ متاثرين جي بحالي، گهرن جي ٻيهر تعمير جي لاءِ خيبر پختون خواهه جي صوبائي حڪومت قدمن جي رفتار تيز ڪري: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت