نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دنيا جي امير ملڪن کي اپيل ڪئي ??هي ته اهي پاڪستان کي قرضن ۾ ريليف ڏين ڇ?? ته ماحولياتي تبديلي?? جي ڪري ايندڙ بدترين ٻوڏ سان انفراسٽرڪچر تباهه ٿي ويو، لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا، فصل تباهه ٿي ويا، دنيا کي ان صورتحال ۾ اسا?? جي فوري مدد ڪرڻ گهرجي، پاڪستان رڳو پنهنجي وسيلن سان ان صورتحال جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي، ايندڙ ٻن مهينن دوران پاڪستان کي قرضن جون قسطون ادا ڪرڻيون آهن جڏهن ته ٻوڏ سان اسا?? جي معيشت کي سخت نقصان پهتو آهي. ”بلومبرگ“ کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم شهباز شريف چي?? ته هن وقت مون کي پنهنجي ملڪ ۾ هجڻ گهرجي ها ڇ?? ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، انهن ??ي ريليف جي ضرورت آهي پر آئون دنيا کي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ آيو آهيان، پاڪستان کي موسمياتي تبديلي?? جي ڪري بدترين ٻوڏ درپيش آهي، موسمياتي تبديلي?? جي ڪري ٺهندڙ عملن ۾ اسان جو حصو نه هجڻ جي برابر آهي پر پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. وزيراعظم چي?? ته ٻوڏ سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 400 ٻارن سميت 1500 ماڻهو ٻوڏ جي ور چڙهي ويا، لکين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿي وئي، 10 لک گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا، جڏهن ته جزوي طور تي متاثر ٿيندڙ گهرن جو انگ به لکن ۾ آهي. وزيراعظم چي?? ته هن ??ڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل سميت عالمي اڳواڻن کي ان صورتحال کان آگاهه ڪيو آهي ۽ انهن ??ي ٻڌايو آهي ته پاڪستان اڪيلو ان صورتحال کي منهن نه ٿو ڏئي ??گهي، گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل پاڻ پاڪستان جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو ۽ چي?? ته هن اهڙي تباهي اڳ ۾ ناهي ڏٺي. وزيراعظم چي?? ته ترڪ صدر رجب طيب اردوان، آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون سميت عالمي اڳواڻن ان حوالي سان گڏيل قومن ۾ پنهنجي تقريرن ۾ به خيالن جو اظهار ڪيو آهي ۽ زور ڏنو آهي ته پاڪستان کي هن وقت وڏي مدد جي ضرورت آهي. وزيراعظم چي?? ته دنيا اسا?? جي جيڪا مدد ڪئي ??ن تي ٿورا مڃون ٿا پر اسان کي ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ۽ فوري مدد جي ضرورت آهي. لکين ٻار بيماري ۾ وٺجي رهيا آهن، بيٺل پاڻي سان وبائي مرض پکڙجي رهيو آهي، متاثر علائقن ۾ ڪمبل، خوراڪ، خاص طور تي ٻار?? جي غذا جي ضرورت آهي، ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو 30 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي، اسان کي ماڻه?? جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ مدد جي ضرورت آهي، متاثري?? جي ٻيهر آبادڪاري ڪرڻي آهي ۽ زراعت ۽ صنعت کي بحال ڪرڻو آهي، اهڙي صورتحال ۾ دنيا اسان کي نظرانداز نه ٿي ڪري سگهي. وزيراعظم دنيا جي خوشحال ملڪن، آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ کي اپيل ڪئي ??هي ته پاڪستان کي قرض?? جي ادائيگي ۾ ريليف ڏنو وڃي ڇ?? ته ايندڙ ٻن مهينن دوران پاڪستان تي قرض?? جي ادائيگي جي وڏي ذميواري آهي، تازو ئي ??ءِ ايم ايف سان سخت شرطن تي معاهدا ٿيا آهن، هر مهيني بجلي ۽ پيٽرول تي ٽيڪس لڳائڻو پئجي رهيو آهي، پاڪستا?? جي لاءِ اها مشڪل صورتحال آهي، خاص طور تي جڏهن ٻوڏ متاثري?? جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جو چئلينج درپيش آهي. وزيراعظم چي?? ته عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون غيرمتوقع طور تي تمام گهڻو وڌي چڪيون آهن، سرديءَ جي لاءِ گئس جي کوٽ آهي، ترقي يافته قومن ۽ ملڪن کي اسان مان اميدون وابسته ڪرڻ بدران موجوده صورتحال تي اسا?? جي مدد ڪرڻي پوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چي?? ته روس جي صدر ملاقات ۾ گئس جي فراهمي جي حوالي سان جائزي وٺڻ جي خاطري ڪرائي ??هي پر اڃا تائين ان حوالي سان ڪا ڪمينٽمينٽ ناهي ٿي. پاڪستان روس سان ڪڻڪ جي خريداري جو به خواهشمند آهي پر ٻوڏ جي ڪري زمين ڪڻڪ جي پوکائي ??ي لاءِ تيار نٿي ٿي سگهي. وزيراعظم چي?? ته دنيا اسا?? جي مدد ڪرڻ ۾ دير ڪئي ??ه انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو. پاڪستا?? جي سياسي صورتحال جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چي?? ته اسان کي اتحاد، يڪجهتي، مصالحت ۽ ام?? جي ضرورت آهي، موجوده صورتحال اسان کان اخوت ۽ هڪ ٻئي ??و هٿ ونڊرائڻ جي گهرج ڪري ٿو، هي وقت گڏيل اختلافن ۽ سياست جو نه آهي، انسانيت جي خدمت ۽ متاثري?? جي مدد لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، ٻوڏ متاثرين کي ڪمبل، دوائن، خيمن، خوراڪ جي ضرورت آهي، اسان کي ذاتي پسند ۽ ناپسند کان اڳتي به وڌڻو پوندو. وزيراعظم چي?? ته دنيا هن مشڪل صورتحال ۾ اسا?? جي مدد لاءِ اڳتي اچي ڇ?? ته موسمياتي تبديلين کان اڄ اسان متاثر آهيون ته سڀاڻي ڪو ٻيو به متاثر ٿي سگهي ٿو. ڀارت سان لاڳاپ?? جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چي?? ته پاڪستان ۽ ڀارت پاڙيسري ملڪ آهن ۽ اسان کي پرامن پاڙيسرين طور تي رهڻو آهي، امن جو قيام واحد رستو آهي جنه?? جي ذريعي اسان پنهنجي عوام جي زندگين کي بهتر بڻائي ??گهون ٿا. پاڪستان ۽ ڀارت ڳالهه ٻولهه ذريعي پنهنجا گڏيل تڪرار طئي ڪري سگهن ٿا.
امير ملڪ پاڪستان کي قرضن ۾ ريليف ڏين، ماحولياتي تبديلين جي ڪري ايندڙ بدترين ٻوڏ سان انفراسٽرڪچر تباهه ٿي ويو، لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا، فصل تباهه ٿي ويا، دنيا کي ان صورتحال ۾ اسان جي فوري مدد ڪرڻ گهرجي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون