دوحه- 06 ڊسمبر (اي پي پي) نار سهڪار ڪائونسل (جي سي سي) جي اڳواڻن اسرائيل طرفان غ??ه ۾ عالمي قانونن جي کلي?? خلاف ورزي جي مذمت ڪئي آهي، سربراهن خطي کي درپيش مسئلن جو جائزو وٺندي چيو ته جنگ بندي نه ڪئي وئي ته پوري خطي تي ان جا سنگين اثر پئجي سگهن ??ا. ??لعريبيه نيوز موجب دوحه ۾ ٿيل جي سي سي جي 44 هين سربراهه ڪانفرنس جي پڄاڻي تي تي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته غ??ه ۾ اسرائيل جي قدمن سان نه رڳو عالمي قانونن پر عالمي انساني قانونن جي به کلي?? خلاف ورزي آهي، جي سي سي ملڪ غ??ه ۾ پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ آهن. ڪانفرنس ۾ سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن ??لم??ن ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان به خصوصي دعوت تي شرڪت ڪئي. پڌرائي موجب 6 ملڪي ڪائونسل جي ميمبرن اسرائيل جي غ??ه ۾ جاري فوجي ڪارروائي جي مذمت ڪئي جنهن سبب نه رڳو عام شهري بي گهر ٿيا پر سويلين انفراسٽرڪچر سميت رهائشي عمارتون، اسڪول، اسپتال ۽ عبادتگاهون تباهه ٿيون. ميمبرن طرفان اسرائيل جي فلسطيني عوام خلاف کليل جارحيت تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو ۽ ع??ه ۾ جاري جنگ جي پکڙجڻ جي خطرن کان خبردار ڪندي چيو ويو ته غزه جي رهواسين جي مسئلن کي حل ڪيو وڃي. پڌرائي ۾ غ??ه ۾ فوري طور تي انساني همدردي جي بنيادن تي ٻيهر جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويو.
غزه تي اسرائيلي جارحيت مذمت جوڳي، جنگ بندي نه ڪئي وئي ته پوري خطي تي ان جا سنگين اثر پئجي سگهن ٿا: نار تعاون ڪائونسل
مضمون کا ماخذ : bolão quina