واشنگٽن _ 10 مئي (اي پي پي ) اڳوڻي ??مر??ڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي 18 سالن جي پٽ بيرن ٽرمپ سياست جي ميدان ۾ قدم رکي ڇڏيو . العربيه اردو نيوز مطابق اڳوڻي ??مر??ڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي 18 سالن جي پٽ بيرن ٽرمپ رياست فوريڊا ۾ ريپبلڪن پارٽي طرفان نمائندي طورتي چونڊجڻ بعد سياست جي دنيا۾ قدم رکي ڇڏيو آهي . ريپبلڪن نيشنل ڪنونشن جي نتيجي مان پتو پيو آهي ته رياستي پارٽي ٽرمپ جي ٻين ٻارن کي به چونڊيو آهي . جنهن ۾ ايرڪ ٽرم?? پنهنجي وفد جو سربراهه ۽ ڊونلڊ ٽرم?? جونيئر ، ٽفي پولس ۽ هن جو مڙس مائيڪل پولس کي نمائندي طورتي چونڊيو ويو آهي . پر ايوانڪا ٽرمپ ڊونلڊ ٽرمپ جي پنجن ٻارن مان واحد اولاد آهي جيڪا سندس انتظاميه ۾ سينئر صلاحڪار ٿيڻ بعد سياست کان پري ٿي چڪي آهي . پنهنجي خاندان جي ٻين ماڻهن ??انگر هو هاڻي فلوريڊا کي پنهنجو گهر سمجهندي آهي .
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں