ماسڪو-26 جولاءِ (اي پي پي ) روس چيو آهي ته نيٽو ڀر??سي لائق نه آهي. شنهوا موجب صدار??ي صلاحڪار نڪولي پيٽروشيف چيو آهي ته روس نيٽو جي اتحادين کي چڱيءَ ريت سڃاڻي ٿو، ڪڏهن به انهن تي ڀر??سو نٿو ڪري سگهي. هن اهو تبصرو اتر اوقيانوس سمنڊ جي اتحاد جي تڪراري بيانن جي تناطر ۾ ڪيو. هن چيو ته هڪ طرف نيٽو پاڻ کي هڪ علائقائي تنظيم طور تي رکي ٿو جڏهن ته ٻئي طرف کلي عام ايشيا پيسفڪ خطي کي پنهنجن مفادن جو دائرو قرار ڏئي ٿو. هن چيو ته ڪوڙ ڳالهائڻ اتر اوقيانوس سمنڊ جي معاهدي جي تنظيم ۽ انهن جي اڳواڻن جو بنيادي اصول آهي. ان نيٽو تي ڀر??سو نٿو ڪري سگهجي.
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ