جده – 16 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب ج?? سياحت واري وزارت چيو آهي ته گذريل سا?? دوران پرڏيهه مان سعودي عرب آيل سياحن مجموعي طور تي 141 ارب ريال خر?? ڪيا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق سعودي عرب ج?? سياحت واري وزارت طرفان جاري رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل سا?? دوران خريداري لاءِ آيل سياحن جو خرچ 25.5 ارب ريال کان وڌي ويو جڏهن ته ٽرانسپورٽيشن تي خرچ اٽڪل 21.5 ارب ريال هو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته خوراڪ ۽ شربتن تي 19.4 ارب ريال خر?? ڪيا ويا جڏهن ته ٻين مقصدن تي خرچ 25.5 ارب ريال کان وڌيڪ رهيو. سياحن طرفان تفريح تي خرچ 4 ارب ريال کان وڌيڪ هو. گذريل سا?? دوران ملڪي ۽ پرڏيه?? سياحن جو ڪل انگ 109 ملين کان وڌيڪ رهيو. انهن مان 27 ملين کان وڌيڪ پرڏيه?? سياح شامل آهن.
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز