گڏيل قومون-04 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي فلسطيني ري??ست جي قيام تي زور ڀريندي اسرائيل کان ??طا??بو ڪيو آهي ته والاريل فلسطيني علائقن کي خالي ڪري. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جون 2025ع ۾ عالمي ڪانفرنس جي منعقد ٿيڻ جو ??طا??بو به ڪيو آهي ته جيئن ٻه ري??ستي حل لاءِ سفارتي ڪوششون ٻيهر شروع ڪري سگهجن. گڏيل قومن ۾ گذريل ڏينهن پيش ڪيل ٺهراءَ جي حق ۾ 157 ۽ مخالفت ۾ 8 ووٽ پيا. آمريڪا ۽ اسرائيل سميت 8 ملڪن ٺهراءَ جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنا جڏهن ته 7 ملڪن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. جنرل اسيمبلي اسرائيل ۽فلسطين جي ٻه ري??ستي حل لاءِ عالمي قانون موجب غير متزلزل حمايت جو اظهار ڪيو. اسيمبلي چيو ته ٻنهي ري??ستن کي 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي تسليم ٿيل سرحدن اندر امن ۽ سلامتي سان رهڻ گهرجي. جنرل اسمبلي ٻه ري??ستي حل کي حقيقت بنائڻ جي سفارتي ڪوششن ۾ نئين جان وجهڻ لاءِ ايندڙ سال جون ۾ نيويارڪ ۾ عالمي اجلاس طلب ڪ??و آهي. سعودي عرب ۽ فرانس ان اعليٰ سطحي اجلاس جي گڏيل صدا??ت ڪندا. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي فلسطيني عوام جي بنيادي حقن خاص طور تي خوداراديت واري حق ۽ ان جي آزاد ري??ست جي حق جو ??طا??بو ڪيو.گڏيل قومون سمجهن ٿيون ته اولهه ڪناري، اوڀر بيت المقدس ۽ غزه جي پٽي تي اسرائيل غير قانوني قبضو ڪيو آهي.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو فلسطيني رياست جي قيام جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ