اسلام آباد – 11 جن??ري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب اسلام آباد جي اسڪولن جي ٻارن ۽ ٻارڙين جي لاءِ وزيراعظم پاران 200 بسن جي تحفي تي شهر جي رهواسين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عمران خان کي به مبارڪباد هجي اڄ هڪ ٻيو ڦيٿو ڪٽجي ويو آهي، آئنده به عوام لاءِ ف??اح?? ۽ ترقياتي منصوبن جا ڦيٿا ڪٽجندا رهندا، خان صاحب توهان پاناما ڪيس کانپوءِ ڇ?? ڪندا ڇو ته توهان جي سياست ڪٽجي رهي آهي، عدالت ٻاهران عدالت هڻندڙن وٽ مايوسي کانسواءِ ڪجهه نه ايندو، اڃا به وقت آهي ته سبق سکو ۽ خيبرپختونخواهه جي عوام سان ڪيل واعدا پ??را ڪريو. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ ا??لي?? عدليه ۾ اسان جي وڪيلن دليل شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ ا??لي?? عدليه کي سمورا ثبوت پيش ڪيا ويندا ڇو ته جيئن ته وزيراعظم چيو هو ته جڏهن به ڪو مستنند فورم قائم ٿيندو ته اتي سمورا دستاويز پيش ڪيا ويندا.
اطلاعات ۽ نشريات واري وزير مريم اورنگزيب جي صحافين سان ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : ریل رش