اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي خواهش هئي ته چيمپيئنز ٽرافي کٽيندڙ ٽيم جڏ??ن واپس وطن اچي ته ان جو شاندار طريقي سان استقبال ڪيو وڃي. هي تقريب ان سلسل?? ۾ ??نقعد ڪئي وئي جنهن ۾ ڪرڪيٽ ٽيم سان گڏوگڏ پراڻي رانديگرن کي پڻ گهرايو ويو. ان موقعي تي ڪرڪيٽ ٽيم جي پوري مئنيجمينٽ سان گڏوگڏ رانديگرن جي گهر جا ڀاتي پڻ موجود هئا، هي والدين جي لاءِ وڏي فخر جو ڏينهن هوندو آهي ڇو ته والدين سڄي زندگي محنت ڪري ۽ قربانيون ڏئي پنهنجي ٻارن کي ڪنهن مقام تي ڏسڻ جا خواهشمند هوندا آهن. هن تقريب ۾ رانديگرن جي والدين ۽ پوري ڪرڪيٽ ٽيم ??ي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ ٽي وي چينل سان ڳ??لهائيندي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي اها خواهش به هئي ته هي ان جو پ??هنجو فنڪشن هجي ۽ مون پاڻ به اهو ئي چاهيو پئي.
وزيراعظم جي خواهش هئي ته ڪرڪيٽ ٽيم جو شاندار استقبال ڪيو وڃي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ