اسلام آباد – 18 آڪٽوبر (??ي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان خميس ڏينهن ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، هن پاڪستان جي عوام ۽ پنهنجي پاران مهاتير محمد جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته هو هڪ مدبر ۽ اعليٰ اڳواڻ آهي، وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمرا?? خان ملائيشيا جي وزيراعظم کي عام چونڊن ۾ ”پاڪا تن هراپن“ جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني، هن ملائيشيا جي مستحڪم اقتصادي ترقي جي لاءِ وزيراعظم مهاتير محمد جي ويزن جي واکاڻ ڪئي، جڏهن ته وزيراعظم مهاتير محمد به وزيراعظم عمرا?? خان جي لاءِ اهڙن جذبن جو اظهار ڪندي پاڪستان جي تازين چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني، وزيراعظم عمرا?? خان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ۽ هڪٻئي جي مهارتن مان فائدي لاءِ عملي سطح تي حصيداري جي ضرورت تي زور ڏنو، وزيراعظم ملائيشيا جي هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني، جيڪا هن قبول ڪري ورتي، وزيراعظم مهاتير محمد به وزيراعظم عمرا?? خان کي ملائيشيا جي جلد دوري جي دعوت ڏني ۽ هن به اها دعوت قبول ڪري ورتي.
وزيراعظم عمران خان جو ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد سان ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : ریل رش