اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ماهوار 300 کان گهٽ يونٽس استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين ۽ زرعي ٽيوب ويلز جي لاءِ بجلي جون قيمتون نه وڌائڻ جو فيصلو ڪندي وڌيڪ بجلي استعمال ڪندڙ 30 سيڪڙو صارفين جي لاءِ هڪ روپيو 27 پ??سا في يونٽ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وفاقي ڪابينا نيب جي آفيسرن کي ڪرپٽ ماڻهن کي پڪڙڻ جي لاءِ آفيشل پاسپورٽ جاري ڪرڻ، ليفٽيننٽ جن??ل عبدالله ڊوگر کي هيوي انڊسٽريز ٽيڪسلا (ايپ آءِ ٽي) جو چيئرمين مقرر جي منطوري ڏني جڏهن ته تعليم واري وزير شفقت محمود کي ڀرتين جي لاءِ نيشنل ٽسيٽنگ سروس (اين ٽي ايس) جي معيار کي بهتر بڻائڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي، پاڪستان 2022ع ۾ پهريون پاڪستاني مشن خلا ۾ موڪليندو، وزيراعظم عمران خان جي در??واست تي سعودي عرب پاڪستانين جي لاءِ ويزا فيس 2 هزار ريال کان گهٽ ڪري ڇڏي آهي، اطلاعات ۽ نشر??ات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، ناڻي وارو وفاقي وزير اسد عمر ۽ پاور ڊويزن جو وفاقي وزير عمر ايوب وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏني.
چوڌري فواد حسين جي وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں