ليلونگو – 21 مارچ(اي پي پي) ڏکڻ اوڀر آفريقي ملڪ ملاوي ۾ سامونڊي طوفان فريڊي سبب فوتگين جو انگ وڌي 499 ??ي ويو آهي. پرڏيهي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق ملاوي ڊفينس فورس، ملاوي پوليس سروس ۽ برطانيه طرفان تنزانيه ۽ زامبيا سميت پاريسي ملڪن جي سهڪار سان ريسڪيو اينڊ سرچ آپريشن جي ڪارروائيون جاري آهن، طوفان سبب هاڻي تائين 499 ڄڻا فوت ۽ 5 لک 8 هزار 244 بي گهر ٿي چڪا آهن. ڊيزاسٽرمينجمنٽ معاملن و??ري کاتي جي ڪمشنر چارلس ڪاليمبا چيو ته بي گهر ماڻهن لاءِ ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي آهي جنهن بعد ڪئمپن جو مجموعي انگ 427 ٿي ويو آهي. ڏکڻ آفريقي ترقياتي ڪميونٽي ملاوي لاءِ 3 لک ڊالر جي امداد جي منظو??ي ڏني آهي.
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس