رياض -28 آگسٽ (اي پي پي) عرب ليگ جي قانونساز اداري عرب پا??ليامينٽ ڊينمارڪ ۾ ڪنهن به آسماني ڪتاب جي بي حرمتي کي ڏوهه قرار ڏيڻ جي حڪ??متي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. سعودي ميڊيا مطابق ٽوئيٽر تي عرب پا??ليامينٽ جي اسپيڪ?? عادل بن عبدالرحمان العسومي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي، ته اهو فيصلو ڪڌي ڏوهه کي روڪڻ ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪندو. هن سوئيڊن ۽ ٻين ملڪن تي پڻ زور ڀريو آهي ته اهو ان سلسلي ۾ ڊينمارڪ جي مثال تي عمل ڪن. هن يورپي پا??ليامينٽ کي به چيو ته اها اجتماعي سطح تي اهڙو ئي قانون اختيار ڪري ته جيئن ان ??ي يقيني بڻائي سگهجي ته مذهبي مقدس شين ۽ علامتن کي مجروح نه ڪري سگهجي. ياد رهي ته اسلام مخالف ڪارڪنن طرفان قرآن پاڪ جي بي حرمتي بعد ڊينمارڪ جي مرڪزي ساڄي ڌر جي حڪ??مت ڄاڻا??ل قانون متعارف ڪرايو آهي.
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا