واشنگٽن – 11 ڊسمبر (اي پ?? پي) آمريڪي صدر جوبائيڊن پنهنجي يوڪر??ن جي هم منصب ولاديمير زيلنسڪي کي اڱاري تي وائٽ هائوس اچڻ جي دعوت ڏني آهي ته جيئن يوڪر??ن جي فوري ضرورتن تي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي. العربيا اردو مطابق آمريڪي صدارتي ترجمان بيان ۾ چيو آهي ته ٻئي صدر روسي حملي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ يوڪر??ن جي فوري ضرورتن ۽ ان نازڪ لمحي ۾ آمريڪي حمايت جاري رکڻ جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. يوڪر??ن جي ا??وا?? صدر بيان ۾ چيو آهي ته ان ملاقات ۾ يوڪرين ۽ آمريڪا وچ ?? وڌيڪ دفاعي سهڪار، خاص طور تي هٿيارن ۽ فضائي دفاعي نظام جي تياري جي گڏيل منصوبن ذريعي ٻه طرفي سهڪار جي ڪوششن تي ڌيان ڏنو ويندو. جوبائيڊن طرفان پنهنجي يوڪريني هم منصب کي وائٽ هائوس جي دعوت اهڙي وقت ۾ ڏني وئي آهي جڏهن اربع تي آمريڪي سينيٽ ۾ ريپبلڪن اپوزيشن وائٽ هائوس طرفان 106 بلين ڊالر ماليت جي هنگامي امدادي پ??ڪيج جي منظوري لاءِ پيش ڪيل درخواست کي روڪي ڇڏيو هو.
آمريڪي صدر جي يوڪرين هم منصب کي وائٽ هائوس اچڻ جي دعوت
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا