جده- 20 فيبروري (اي پي پي) اسلامي تعاون تظيم (او آءِ سي) جي سڌ سماءَ وارن وزيرن جو غير معمو??ي اجلاس 24 فيبروريءَ تي استنبول ۾ ٿيندو. اجلاس ۾ والاريل فلسطيني علائقي ۾ صحافين ۽ ??يڊ??ا ادارن خلاف اسرائيل ??ي قابض انتظاميه جي ڏاڍ ۽ غلط ڄاڻ جي مقابلي ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. او آءِ سي طرفان اڱاري ڏينهن جده ۾ جاري بيان مطابق ترڪي ان ڪانفرنس جي ميزباني او آءِ سي جي سڌ سماءَ وارن وزيرن جي موجوده چيئرمين جي حيثيت سان ڪري رهيو آهي. ام??د آهي ته او آءِ سي جا ميمبر ملڪن ان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندا. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحه ڪانفرنس کي خطاب ڪندو ۽ شرڪت ڪندڙن کي والاريل فلسطيني جي علائقي خاص طور تي غزه ۾ مختلف ??يڊ??ا ادارن ۽ صحافين خلاف اسرائيل جي جاري ڏوهن کان آگاهي فراهم ڪندو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي اهي ته اسرائيل غزه جي پٽي ۽ سڄي فلسطين ۾ ??يڊ??ا کي دٻائي رکيو آهي. او آءِ سي پنهنجي بيان ۾ رپورٽن جي حوالي سان چيو ته اسرائيل 140 کان وڌيڪ ??يڊ??ا ادارن کي نشانو بڻايو آهي جنهن سبب 7 آڪٽوبر 2023ع کان ??يڊ??ا جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ گهٽ ۾ گهٽ 126 ماڻهو شهيد ٿيا آهن. بيان مطابق اسرائيل غزه جي پٽي جي عوام خلاف 4 مهينن کان وڌيڪ عرصي سان مسلسل جنگ جاري رک?? آهي جنهن جي نتيجي ۾ قتل عام، ملڪيتن جي تباهين ۽ وڏي انگ ۾ فلسطيني بي گهر ٿيا آهن.
اسلامي تعاون تظيم جي سڌ سماءَ وارن وزيرن جو غير معمولي اجلاس 24 فيبروريءَ تي استنبول ۾ ٿيندو
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ