واشنگٽن-10 جنوري (اي پي پي)آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ چ??و آهي ته هو روس جي صدر سان ملڻ چاهي ٿو سندن وچ ۾ ملاقات لاءِ اهتمام ڪيو پيو وڃي. سندس اهڙو بيان اقتدار سنڀالڻ کان ڏيڍ مهينو اڳ سامهون آ??و آهي. ان کان اڳ هن پنهنجي چونڊ مهم د??ران يوڪرين ۾ امن قائم ڪرڻ جا واعده ڪيا هئا. ميڊيا رپورٽن موجب ڊونلڊ ٽرمپ فلوريڊا جي پام بيچ ۾ پنهنجي مارا اي لاگو ريزارٽ ۾ ريپبلڪن گورنر سان ملاقات دوران چيو ته صدر پيوٽن سان ملڻ چاهي ٿو ۽ اسان ملاقات جو ا??تمام ڪري رهيا آهيون. هن عوامي سطح تي پڻ چ??و آهي ته روس جو صدر ساڻس ملاقات ڪرڻ چاهي ٿو اسان کي رتو ڇاڻ واري جنگ ختم ڪرڻي پوندي. واضع رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ڪڏهن به جنگ بندي يا امن معاهدي لاءِ ڪا ٺوس تجويز پيش نه ڪئي آهي ۽ آمريڪا پاران يوڪرين کي موڪليل فوجي امداد تي اڪثر تنقيد ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania