اسلام آباد – 19 اپريل (اي ??ي پي) صدر ممنون حسي?? چيو آهي ته پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻين ملڪن س??ن سياسي، معاشي ۽ واپاري لاڳاپن ۾ اضافي تي ڌيان ڏنو وڃي. هن اها ڳالهه ڏکڻ آفريقا جي لاءِ نامز هاءِ ڪ??شن?? ڊاڪٽر سهيل خان س??ن ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر سهيل خان کي هاءِ ڪ??شن?? مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان جي ڏکڻ آفري??ا سان 1994ع کان سفارتي لاڳاپا آهن، هن نامزد هاءِ ڪ??شن?? کي هدايت ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ واپار جي فروغ تي زور ڏي، صدر وڌيڪ چيو ته ڏکڻ آفريقا جي مينوفيڪچرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تجربن مان فائدو کڻڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ