اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) سپريم ڪورٽ پاناما پيپرز ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ??ڌائيندي پاناما پيپرز ۾ لڳايل الزامن جي تفصيلي جاچ لاءِ گڏيل تحقيقاتي ٽيم (جي آءِ ٽي) جوڙڻ ۽ ان کي 60 ڏينهن جي اندر پنهنجي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، پاناما پيپرز ڪيس جي شنوائي ڪندڙ 5 رڪني لارجر بينچ جي سربراهه جسٽس آصف سعيد کوسه خميس ڏينهن محفوظ ڪيل فيصلو ??ڌايو، جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز افض?? خان، جسٽس گلزار احمد، جسٽس شيخ عظمت سعيد ۽ جسٽس اعجاز الاحسن تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني لارجر بينڪ ڌرين جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ 23 فيبروري تي پاناما دستاويزن واري ڪيس جو فيصلو ??حفوظ ڪيو هو، جسٽس آصف سعيد کوسه عدالت ۾ اڪثريتي فيصلو ??ڙهي ٻڌايو، جنهن ۾ هن پاڻ ۽ جسٽس گلزار احمد ا??ليٰ عدالت جي ٻين ٽن ججن سان اختلاف رکيو.
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ