سان يا – 10 اپريل (اي پي پي) وز??را??ظم شاهد خاقان عباسي عوامي جمهوريه چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ زي سميت پولٽ بيورو جا سينيئر مي??بر پڻ موجود هئا جڏهن ته وز??را??ظم شاهد خاقان عباسي جي معاونت پرڏيهي وزير، گهرو وزير ۽ سينيئر عملدارن ڪئي. وز??را??ظم صدر شي کي عوامي جمهوريه چين جو ٻيهر صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي طرفن کان ٻطرفي تعاون وڌائڻ جي حوالي سان تف??يل?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وز??را??ظم چيو ته چين ۽ پاڪستان آئرن برادرز آهن، ٻئي ملڪ آزمائش جي هر گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن ۽ هر گذرندڙ سال دوران انهن جا لاڳاپا وڌيڪ ??ستحڪم ٿيا آهن. وز??را??ظم ترقي جي لاءِ ايشيا کي وڌيڪ اوپن بڻائڻ جي صدر شي جي عزم کي ساراهيو.
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔