اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته اس??ن جي تاريخ ۾ 23 مارچ جهڙو ڪو به ڏينهن نه آهي ڇو ته ان ڏينهن اس??ن جي بزرگن فيصلو ڪيو هو ته غير ملڪي حڪمرانن ۽ متعصب اڪثريت جي غاصباڻي طرز عمل کي شڪست ڏئي پنهنجي قسمت جا مالڪ پاڻ بڻجون، اهڙن خيالن جو اظهار صدر جمعي ڏينهن هت?? پريڊ گرائونڊ ۾ يوم پاڪستان جي موقعي تي منعقد تقريب کي ??طا?? ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سوشلسٽ جمهوريه سريلنڪا جي صدر ميٿري پالاسري سينا، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، چيئرمين جوائنٽ چيف آف آرم?? ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان، نيول چيف ظفر محمود عباسي، دفاع وارو وزير انجنيئر خرم دستگير خان، مختلف ملڪن جا سفير، پارليامينٽ جا ميمبر، وفاقي وزير، مختلف ملڪن جي فوجي آفيسرن سميت عوام جو هڪ وڏو تعداد شرڪت ڪئي، صدر چيو ته 23 مارچ 1940ع ت?? اسان جي بزرگن هڪ اهڙو جديد، مضبوط ۽ جمهوري ملڪ بڻائڻ جو عزم ڪيو هو جتي ڪير ڪنهن تي ظلم نه ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪنهن جو اس??حصال ڪيو وڃي، اس??ن ان خواب کي حقيقت بڻائڻ جي لاءِ جدوجهد ۾ قربانيون پيش ڪندڙ پنهنجي قائدين، بزرگن، شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. صدر چيو ته اها شاندار پري?? اسان جي خوابن جي هي هڪ حسين تعبير آهي، هن چيو ته هن اهم ترين قومي ڏهاڙي جي موقعي ت?? اسان جا بهترين دوست به پريڊ سميت پاڪستان جي ڏهاڙي جي ٻين تقريبن ۾ شريڪ آهن ۽ ان مقصد جي لاءِ سريلنڪا جو صدر ميٿري پالاسري سينا به خصوصي طور تي پاڪستان آيو آهي جنهن تي سڄي پاڪستاني قوم سندس آجيان ڪري ٿي.
صدر پاران پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پريڊ گرائونڊ ۾ تقريب کي خطاب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ