اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ايف اي ٽي ايف بابت قانونسازي لاءِ حڪومت لائحه عمل طئي ڪري ورتو آهي. پارليامينٽ جي ايندڙ سيشن ۾ قانونسازي جو عمل اڳتي وڌندو، ذاتي مفادن بدران ملڪي مفاد کي ترجيح ڏيندڙ مخالف ڌر جا ميمبر به ان بل جي اهميت کي سمجهندي مڪمل سپورٽ ڪندا. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ملڪ جي ??ختلف حصن ۾ تازين برساتن سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي ??قص??نن جي ڪري پارليامينٽ جو سيشن ايندڙ هفتي منعقد ٿيندو، ايندڙ سيشن جي ??اءِ حڪمت عملي طئي ڪئي وئي آ??ي، ايف اي ٽي ايف بل پاڪستان جي ??اءِ ۽ پاڪستان جي عوام جي ??اءِ گهڻي اهميت رکي ٿو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ