اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو آهي ته پاڪستان کي مضبوط بڻائڻ منهنجي ذميداري آ??ي، مخالف ڌر جي تحريڪ مان ڪنهن کي خطرو نه آهي،نواز شريف قومي ادارن تي تنقيد نه ڪري، پر ملڪ واپس اچي پنهنجي خلاف ڪيسن کي منهن ڏي، حڪومت ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ بهتر حڪمت عملي اختيار ڪئي، ڪراچي پيڪيج سان صورتحال بهتر ٿيندي، نجي ٽي وي کي خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته جمهوريت ۾ تحريڪ هلندي رهندي آ??ي جنهن کي اڪثر ميڊيا وڌائي ڪري پيش ڪندي آ??ي، هن چيو ته مون کي پورو اعتم??د آهي ته موجوده حڪومت پنهنجي آئيني مدت پوري ڪندي، صدر چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ جي ادارن تي تنقيد افسوسناڪ آهي، اسان کي پنهنجي ادارن جو تحفظ ڪرڻ گهرجي، صدر چيو ??ه حڪومت ۽ مخالف ڌر ملڪ جي بهتري لاءِ پاڻ ۾ تعاون ڪن، هن چيو ته پاڪستان جي حقيقي اشو ڪرپشن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آ??ن، احتساب ٿي رهيو آهي، عدليه ڪرپشن جو مقابلو ڪرڻ ۾ مصروف آهي، آئون بنا فرق جي احتساب تي يقين رکان ٿو، هن چيو ته آئون حڪومتي ڪارڪردگي مان مطئمن آهيان، صدر چيو ??ه حڪومت ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ڪي??ن اهي واکاڻ جوڳيون آهن.
پاڪستان کي مضبوط بڻائڻ منهنجي ذميداري آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری