اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي( قومي غ??ائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ عام ماڻهو جي کاڌي پيتي جي شين جي مناسب قيمتن تي فراهمي کي يقيني بڻائيندي ۽ ان جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر سان گڏ پريس ڪانفرنس ??ي خطاب ڪندي فخر امام چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ماڻهن کي درپيش مسئلن کان پوري طرح آگاهه آهي ۽ چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن يقين ڏياريو ته حڪومت پاران ک??يل قدمن جي نتيجي ۾ تمام جلد بحالي جا ثمر ظاهر ٿيندا. ان کانسواءِ هن تنبيهه ڪئي ته ف??ضي مطالبن ۽ کاڌي پيتي جي شين جي ذخيره اندوزي ?? ملوث ماڻهن جي خلاف سخت ايڪشن ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais