اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي پاڪستان جي روانگي واپار کي وڌائڻ جي قدمن جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، جولاءِ 2021ع ۾ 19.7 سيڪڙو اضافي سان روانگي واپار 2.3 بلين ڊالرز ۽ ٽيڪسٽائيل روانگي واپار 1.49 بلين ڊالرز رڪارڊ ٿيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو ته روانگي واپار ۾ اضافو پاڪستان ?? پرڏيهي نا??ي ۾ پڻ اضافي جو سبب بڻجي ٿو. هن ??يو ته 2018ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي حڪومت ملي ته (ن) ليگ جي غلط پاليسين جي ڪري ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي تالا لڳل هئا، پاور لومز ڪٻاڙ جي اگهن ۾ وڪرو ٿي رهيون هيون ۽ اڄ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري پنهنجي عروج تي آهي. هن ??يو ته ٽيڪسٽائيل جي روانگي واپار ۾ رڳو جولاءِ 2021ع ۾ 17 سيڪڙو وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو